Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 11:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 11:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.


۽ بني اسرائيل، مديانين جون زالون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا؛ ۽ انهن جا سڀ ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ سمورو مال اسباب ڦري ورتائون،


پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائون: هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون: ۽ هن حصور کي باهہ سان ساڙي ڇڏيو.


باقي جيڪي شهر ٽڪر تي مضبوط بيٺا هئا، تن مان ڪنهن کي بہ اسرائيل نہ ساڙيو، سواءِ انهي هڪڙي حصور کي جنهن کي يشوع ساڙي ڇڏيو.


جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


فقط چوپايو مال، ۽ لٽ جو مال، جو انهيءَ شهر مان هٿ آيو، سو اسرائيل پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي رکيو، جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ