9 تنهنڪري يشوع اوچتو هنن تي ڪاهي آيو، ۽ سڄي رات جلجال مان نڪري پنڌ ڪندو ويو.
9 يشوع ۽ سندس فوج سڄي رات جِلجال کان جِبعون تائين پنڌ ڪري امورين تي اوچتو اچي حملو ڪيو.
تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.
جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.
مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.
تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.
۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.
۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.
انهيءَ موجب يشوع سڀ جنگي مرد پاڻ سان وٺي انهن سان وڙهڻ لاءِ اوچتو ميروم جي پاڻين وٽ آيو؛ ۽ انهن تي ڪاهي اچي پيو.