۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.
تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.