Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيمي‌گاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ هن هڪڙي گڏهہ تي هنو وڌو ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ هڪلي هل؛ منهنجي چوڻ کانسواءِ رفتار ۾ ڍِل نہ ڪر.


جيئن يروشلم جي چوڌاري جبل آهن، تيئن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي چوڌاري، هن وقت کان وٺي هميشہ تائين آهي.


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


انهن ڏينهن ۾ مريم جلدي ڪري جابلو ملڪ ڏانهن، يهوديہ جي هڪڙي شهر ۾ ويئي؛


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.


تنهن تي يشوع پاڻ سان سڀ جنگي ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد وٺي جلجال مان نڪتو.


۽ انهن هنن کي يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريت اربع (يعني حبرون)، ان جي آس پاس وارين ٻهراڙين سميت ڏنو، اهو اربع عناق جو پيءُ هو.


پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.


۽ يشوع هنن سان صلح ڪيو، ۽ ساڻن عهد ٻڌائين، تہ هنن کي جيئدان ملي: ۽ جماعت جي سردارن هنن سان قسم کنيو.


۽ هو جلجال ۾ يشوع وٽ منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ هن کي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون، تہ اسين هڪڙي پرانهين ملڪ مان آيا آهيون: تنهنڪري اوهين اسان سان عهد ٻڌو.


۽ هنن يشوع کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تڏهن يشوع هنن کي چيو تہ اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ