Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:40 - Sindhi Bible

40 انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:40
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ بادشاهہ ٿيڻ شرط هن يربعام جي ساري خاندان کي مارائي ڇڏيو: يربعام جي نسل مان تيسين ڪوبہ جيئرو نہ ڇڏيائين جيسين انهيءَ کي چٽ نہ ڪيائين؛ جيئن ڪ خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ سيلانيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو:


تڏهن انهن جو اولاد ويو ۽ اُهو ملڪ وڃي هٿ ڪيائون، ۽ تو انهن جي اڳيان انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي، يعني ڪنعانين کي، شڪست ڏني، ۽ انهن کي سندن بادشاهن ۽ ملڪ جي ماڻهن سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنو، تہ جيئن وڻين تيئن هنن سان ڪن.


بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون.


خبردار، جنهن ملڪ ۾ تون وڃين ٿو، تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪج، متان اهو اوهان جي وچ ۾ ڦندو ٿي پوي.


۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر ورتا، ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي، زالن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪيو؛ ۽ ڪوبہ باقي نہ ڇڏيوسين:


۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.


۽ انهيءَ ڏينهن انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن سميت انهي کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ ڏينهن لڪيس وانگر انهن کي بہ صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.


انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛


يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:


هاڻي بني بنيمين جي فرقي جا شهر سندن قبيلن موجب هي هئا، يريحو، ۽ بيت حجلہ، ۽ عيمق قصيص؛


۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


فقط چوپايو مال، ۽ لٽ جو مال، جو انهيءَ شهر مان هٿ آيو، سو اسرائيل پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي رکيو، جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو.


۽ هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن ٻانهن کي پڪيءَ طرح خبر پيئي هئي، تہ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تہ آءٌ توکي هي سارو ملڪ ڏيندس، ۽ انهيءَ ملڪ جا سڀ رهاڪو تنهنجي اڳيان ناس ڪري ڇڏيندس؛ تنهنڪري اسان کي پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، ۽ انهي ڪري اسان هيئن ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ