Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:39 - Sindhi Bible

39 ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 هنن انهيءَ تي، انهيءَ جي بادشاهہ تي ۽ سڀني آس‌پاس وارن ڳوٺن تي قبضو ڪيو. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. يشوع دبير ۽ ان جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن هن لبناہ شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ۽ حبرون شهر سان ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:39
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح يزرعيل ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي بچيا هئا، تن سڀني کي ياهوءَ مارايو. ۽ انهيءَ جي سڀني وڏن ماڻهن کي ۽ اُنهيءَ جي گهاٽن دوستن کي ۽ انهيءَ جي ڪاهنن کي بہ، جيسين ڪ اُنهن مان هڪڙو بہ نہ بچيو.


۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


انهيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ سندس ماڻهن کي بہ اسان جي هٿن ۾ ڏنو: ۽ اسان انهي کي اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


تڏهن هورم، جزر جو بادشاهہ، لڪيس جي مدد لاءِ چڙهي آيو؛ ۽ يشوع انهي کي ۽ انهي جي ماڻهن کي اهڙو ماريو جو انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچايائين.


۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت اُتان موٽي دبير ۾ آيو؛ ۽ انهي سان جنگ ڪيائين:


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


دبير جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جدر جو بادشاهہ، هڪڙو؛


هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.


۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ