Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:37 - Sindhi Bible

37 ۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 هنن انهيءَ تي بہ قبضو ڪيو ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سميت جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ ۾ يا انهيءَ جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هن شهر سان بہ ڪيائون ۽ جيڪي ماڻهو منجھس هئا، تن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:37
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


۽ انهيءَ ڏينهن انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن سميت انهي کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ ڏينهن لڪيس وانگر انهن کي بہ صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


پوءِ يشوع عجلون مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، حبرون ۾ آيو؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهيا:


۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت اُتان موٽي دبير ۾ آيو؛ ۽ انهي سان جنگ ڪيائين:


۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ