Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:32 - Sindhi Bible

32 ۽ خداوند لڪيس اسرائيل جي حوالي ڪيو، ۽ هن انهي کي ٻئي ڏينهن ورتو، ۽ انهي ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين، جيئن لبناہ سان ڪيو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جنگ جي ٻئي ڏينهن تي خداوند انهيءَ شهر کي سندن هٿن ۾ ڏنو ۽ هو مٿس قبضو ڪري ويا. جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، جيئن هن لبناہ ۾ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:32
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.


تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.


۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج:


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي لبناہ مان نڪري لڪيس ۾ آيو، ۽ انهي جي سامهون لهي پيو، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪيائين:


تڏهن هورم، جزر جو بادشاهہ، لڪيس جي مدد لاءِ چڙهي آيو؛ ۽ يشوع انهي کي ۽ انهي جي ماڻهن کي اهڙو ماريو جو انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچايائين.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ