Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق هيئن ڪيو جو حبرون جي بادشاهہ هوهام، يرموت جي بادشاهہ پيرام، لڪيس جي بادشاهہ يافيع ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير ڏانهن هي پيغام ڏياري موڪليائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سارہ ڪنعان جي ملڪ ۾ قريت اربع، يعني حبرون ۾ وفات ڪئي ۽ ابرهام سارہ جي لاءِ ماتم ڪيو ۽ رنو.


تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو.


۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ اسور جي بادشاهہ ڏانهن لڪيس ۾ چوائي موڪليو تہ مون قصور ڪيو آهي؛ مون وٽان موٽي وڃو: جيڪي تون مون تي رکندين سو آءٌ ڏيندس. ۽ اسور جي بادشاهہ يهوداہ جي بادشاهہ تي ٽي سؤ قنطار چانديءَ جا ۽ ٽيهہ قنطار سون جا ٻڌا.


پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


۽ ادوريم، ۽ لڪيس، ۽ عزيقہ،


تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.


اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.


۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛


۽ هنن ائين ڪيو، ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن کي غار مان ڪڍي آيا، يعني يروشلم جي بادشاهہ کي، ۽ حبرون جي بادشاهہ کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ کي.


پوءِ يشوع لڪيس مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، عجلون ۾ آيو؛ ۽ هنن انهي جي سامهون منزل ڪئي، ۽ انهيءَ سان وڙهيا؛


تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.


۽ حبرون جو نالو اڳي قريٿ اربع هو؛ جو اربع عناقيم ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو. تنهن کان پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


۽ حمط، ۽ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، ۽ صيعور؛ نوَ شهر، سندن ڳوٺن سميت.


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ