Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:29 - Sindhi Bible

29 تنهن کان پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي مقيدہ مان لنگهي لبناہ ۾ ويو، ۽ لبناہ سان جنگ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت مقيدہ کان لبناہ شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:29
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ربشاقي موٽي آيو ۽ اچي ڏٺائين تہ اسور جو بادشاهہ لبناہ سان جنگ پيو ڪري: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان روانو ٿيو آهي.


انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي هٿ هيٺان باغي ٿي نڪتل رهيو آهي. تنهن کان پوءِ لبناہ بہ انهيءَ وقت باغي ٿيو.


انهيءَ طرح ادوم اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي زيردستيءَ کان باغي ٿي ڦري ويو: ۽ انهيءَ ساڳي وقت لبناہ بہ سندس زيردستيءَ کان باغي ٿي ويو، ڇالاءِ جو هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.


جڏهن صدقياہ بادشاهت ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ حڪومت ڪئي: ۽ اُن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، جا لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.


۽ رمون فارص مان ڪوچ ڪري، لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


۽ خداوند اُهو بہ، انهي جي بادشاهہ سميت، اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هن انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي منجهہ هئا، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماريو؛ ڪوبہ ڪونہ ڇڏي ڏنائين، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.


لبناہ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ عدلام جو بادشاهہ، هڪڙو؛


۽ هارون ڪاهن جي اولاد کي هنن حبرون سندس ٻهراڙين سوڌو ڏنو، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ لبناہ بہ سندس ٻهراڙين سميت؛


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ