Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:26 - Sindhi Bible

26 تنهن کان پوءِ يشوع انهن کي ماريو، ۽ قتل ڪيو، ۽ پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏيائين: ۽ اُهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تنهن کان پوءِ يشوع انهن بادشاهن کي قتل ڪرايو ۽ سندن لاش پنجن وڻن تي لٽڪائي ڇڏرايائين. اهي شام تائين انهن وڻن تي لٽڪيا پيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.


۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.


تہ قومن کان وير وٺن، ۽ ماڻهن کي سزا ڏين.


اُنهن دانهون ڪيون پر بچائيندڙ ڪونہ هون؛ اُنهن خداوند کي بہ پڪاريو، پر هن جواب ڪونہ ڏنن.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.


تڏهن زبح ۽ ضلمنع چيو تہ تون اسان تي ڪاهي اچ: ڇالاءِ تہ جهڙو ماڻهو پاڻ آهي تهڙو سندس زور آهي. تڏهن جدعون اُٿيو ۽ زبح ۽ ضلمنع کي قتل ڪيائين، ۽ هنن جي اُٺن جي ڪنڌن تي جيڪي نئين چنڊ جي شڪل جا هار هئا سي هٿ ڪيائين.


۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ