Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:25 - Sindhi Bible

25 پوءِ يشوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ، نڪو خوف ڪريو؛ مضبوط ۽ چڱي همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو جن دشمنن سان اوهين وڙهو ٿا تن سڀني سان خداوند ائين ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ يشوع انهن سالارن کي چيو تہ ”نڪي ڊڄو نڪي بي‌همت ٿيو. اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي سڀني دشمنن سان ائين ئي ڪندو، جن سان اوهين وڙهندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا گهرن، سي قبر ۾ وڃي پوندا.


آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس.


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو.


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ