Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:24 - Sindhi Bible

24 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو انهن پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي يشوع وٽ وٺي آيا، تڏهن يشوع اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو، ۽ جيڪي جنگي مرد ساڻس آيا هئا، تن جي سردارن کي چيائين، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو: ۽ هو ويجها آيا، ۽ پنهنجا پير هنن جي ڳچين تي رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن يشوع بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو ۽ لشڪر جا سالار جيڪي ساڻس گڏ جنگ تي ويا هئا تن کي چيائين تہ ”ويجھا اچو ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو.“ سو هنن ويجھو اچي پنهنجا پير انهن جي ڳچين تي رکيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون انهن کي نابود ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙو وڍي ماريو جو هو اُٿي نٿا سگهن: هائو هو منهنجن پيرن هيٺ ڪري پيا آهن.


تو منهنجن دشمنن کي منهنجي اڳيان پٺي ڏيئي ڀڄارايو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي وڍي ڇڏيان.


هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.


خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


خداوند تنهنجي ساڄي هٿ وٽ، پنهنجي غضب جي ڏينهن بادشاهن کي ماريندو.


تو منهنجي دشمنن جي پٺ مون ڏانهن ورائي آهي، تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي آءٌ تباهہ ڪري ڇڏيان.


تون شينهن ۽ سپ کي لتاڙيندين: تون شينهن جي ٻچي ۽ نانگ کي پائمال ڪندين.


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


پوءِ خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شيطان کي سگهو ئي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


پر ملائڪن مان ڪنهن کي ڪڏهن هن چيو آهي تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان؟“


۽ هن پنهنجي وڏي پٽ يتر کي چيو تہ اُٿي هنن کي قتل ڪر. پر هن جوان پنهنجي ترار نہ ڪڍي: ڇالاءِ جو هو ننڍيءَ عمر جو هو، ۽ تنهنڪري ڊنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ