Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل هنن کي قتل ڪري چڪا، اهڙو جو هو مري کپي ويا، تڏهن باقي جيڪي انهن مان بچيا هئا سي ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي لڪا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 يشوع ۽ بني اسرائيل ذري گھٽ هنن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ انهن مان جيڪي ڪي بچي ويا تن ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي پناهہ ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


۽ اسرائيل جو بادشاهہ ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي گهوڙن ۽ رٿن کي شڪست ڏنائين، ۽ ارامين ۾ ڏاڍو ڪوس وجهي اُنهن کي ماريائين.


۽ ابياہ ۽ سندس ماڻهن هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، ۽ هنن کي ڪُٺو: جنهنڪري اسرائيل جا پنج لک چونڊيل مرد مارجي ويا.


اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.


پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.


پوءِ سڀ ماڻهو صحيح سلامت موٽي مقيدہ ۾ يشوع وٽ آيا: ڪنهن بہ بني اسرائيل جي برخلاف زبان نہ چوري.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن بيابان ۾ هو اسرائيلين جي پٺيان پيا هئا، اُتي جڏهن اسرائيلي ميدان ۾ عئي جي سڀني رهاڪن کي قتل ڪري رهيا، ۽ جڏهن اُهي سڀ ترار جي ڌار سان مري کپي ويا، تڏهن سڀ اسرائيلي عئي ڏي موٽي آيا، ۽ شهر وارن کي ترار جي ڌار سان ماريائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ