Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:19 - Sindhi Bible

19 پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پر اوهين پاڻ نہ ترسجو، بلڪ پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئجو ۽ مٿن پٺيان کان حملو ڪجو. هنن کي سندن شهرن ۾ گھڙڻ نہ ڏجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ جي هو ڪنهن شهر ۾ هوندو تہ سڀ اسرائيلي انهيءَ شهر ۾ رسا آڻيندا، ۽ اهو اسين نديءَ ۾ گهلي وجهنداسين، جيسين ڪ هڪڙو بہ ننڍڙو پٿر اُتي نہ رهندو.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


تڏهن يشوع چيو تہ ڪي وڏا پٿر ليٽائي غار جي منهن تي آڻي وجهو، ۽ انهن جي ڀرسان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل هنن کي قتل ڪري چڪا، اهڙو جو هو مري کپي ويا، تڏهن باقي جيڪي انهن مان بچيا هئا سي ڪوٽن وارن شهرن ۾ وڃي لڪا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ