هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.
تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.