Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:13 - Sindhi Bible

13 ۽ سج هڪڙي هنڌ بيهي رهيو، ۽ چنڊ بہ ترسي پيو، جيستائين ڪ انهن ماڻهن پنهنجي دشمنن کان وير پئي ورتو، اهو آشر جي ڪتاب ۾ نہ لکيل آهي ڇا؟ انهيءَ طرح سج آسمان جي وچ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺو، ۽ قريب سڄو ڏينهن اُلهندي ڏانهن نہ لڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:13
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين تہ بني يهوداہ کي ڪمان جو راڳ سيکارين: ڏس، اهو ياشر جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.


۽ حزقياہ ورندي ڏني تہ پاڇي کي ڏهہ قدم اڳتي لڙڻ آسان آهي: پر گهرجي ائين تہ پاڇو ڏهہ قدم پٺتي موٽي.


انهيءَ لکئي جو نقل تہ هي حڪم هرهڪ پرڳڻي ۾ پڌرو ڪيو وڃي، تنهن جو سڀني قومن ۾ اشتهار ڪيو ويو، تہ يهودي انهيءَ ڏينهن تيار رهن، ۽ پنهنجن دشمنن کان وير وٺن.


جو سج کي حڪم ڏئي ٿو تہ اُهو اُڀري ئي نٿو؛ ۽ جو تارن کي مُهر ڪيو ڇڏي.


سج ۽ چنڊ، اوهين سندس تعريف ڪريو: سڀيئي چمڪندڙ تارا، اوهين سندس تعريف ڪريو.


اُنهن جو سر ساري زمين ۾ هلي ويو آهي، اُنهن جو ڪلام دنيا جي ڇيڙي تائين وڃي پهتو آهي. اُنهن ۾ هن سج جي لاءِ تنبو هنيو آهي.


انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.


ڏس، آءٌ آخز جي ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو آهي، تنهن کي ڏهہ درجا پٺتي موٽائيندس. سو ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ درجا پٺتي موٽي ويو.


زمين هنن جي اڳيان ڌٻي وڃي ٿي؛ آسمان ڏڪن ٿا: سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن، ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين:


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.


تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛


انهي ڪري خداوند جي جنگ نامي ۾ هيئن چيل آهي تہ، واهيب جو سوفہ ۾ آهي، ۽ ارنون جون ماٿريون.


مديان جي ماڻهن کان بني اسرائيل جو وير وٺ: تنهن کان پوءِ تون پنهنجي قوم سان وڃي گڏبين.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.


۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.


انهي کان اڳي، يا اُنهي کان پوءِ، انهي جهڙو ڏينهن ڪڏهن ڪونہ ٿيو، جنهن ۾ خداوند انسان جو آواز ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي پاران وڙهيو.


۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


۽ سمسون خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ياد ڪر، ۽ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اي خداوند، رڳو هن ڀيري مون کي زور ڏي تہ آءٌ فلستين کان پنهنجين ٻن اکين جو وير وٺان.


اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ