Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛


ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.


تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا،


جي مون تڪليف جي وقت لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، ۽ لڙائي ۽ جنگ جي ڏينهن لاءِ؟


بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.


هو لقمن وانگي برف ٿو وسائي: ڪير هن جي سرديءَ کي سهي سگهندو؟


ڏسو، خداوند وٽ هڪڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، هو انهي کي ڳڙن جي طوفان، ۽ برباد ڪندڙ واچ، ۽ پاڻيءَ جي زور واري اُٿل وانگر زمين تي اُڇلائي وجهندو.


ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


جيڪي اهو اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين تن کي چئو، تہ اها ڀِت ڪِري پوندي؛ هڪڙي تمام سخت برسات پوندي ۽ وڏا وڏا ڳڙا وسندا، ۽ طوفان جهڙي واچ انهي کي ڀڃي ڇڏيندي.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ ماڻهن تي آسمان مان وڏا ڳڙا پوڻ لڳا، جن مان هڪ هڪ ڳڙو وزن ۾ هڪ مڻ هو؛ ۽ انهن ڳڙن جي آفت سبب ماڻهو خدا تي ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ جو اها آفت ڏاڍي سخت هئي.


هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ