Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.


ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين،


تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


۽ جڏهن يشوع ۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر ورتو آهي، ۽ شهر جو دونهون مٿي چڙهيو آهي، تڏهن هو پٺتي موٽيا، ۽ عئي جي ماڻهن کي قتل ڪيائون


پر جڏهن جبعون جي رهاڪن ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئيءَ سان ڇا ڪيو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ