Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:8 - Sindhi Bible

8 اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان وسرڻ نہ گهرجي، پر رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪج، تہ جيڪي انهيءَ منجهہ لکيل آهي تنهن موجب انهيءَ تي عمل ڪندو رهين: ڇالاءِ جو ائين ئي تنهنجو رستو برڪت وارو ٿيندو، ۽ تون پوريءَ طرح ڪامياب ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:8
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسحاق سانجهيءَ جي وقت غور ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري ويو، ۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ اُٺ پيا اچن.


۽ زڪرياہ، جنهن کي خدا جي رويا جي سمجهہ هوندي هئي، تنهن جي ڏينهن ۾ هن پاڻ کي خدا جي طلب ۾ مشغول رکيو: ۽ جيستائين هو خداوند جي طلب ۾ رهيو، تيستائين هو اقبال وارو رهيو.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


آءٌ تنهنجن قاعدن تي غور ڪندس، ۽ تنهنجين واٽن تي نظر رکندس.


م اوهہ، مون کي تنهنجي شريعت ڪهڙي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن مٿس غور پيو ڪريان.


مون کي پنهنجن سڀني استادن کان وڌيڪ سمجهہ آهي؛ ڇو جو آءٌ تنهنجين شاهدين تي غور ٿو ڪريان.


منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ.


مون تنهنجي سچائي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکي آهي؛ مون تنهنجيءَ وفاداريءَ ۽ نجات کي ظاهر ڪيو آهي: ۽ تنهنجي ٻاجهہ ۽ سچائي وڏيءَ جماعت کان ڳجهي ڪانہ رکي اٿم.


اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري:


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.


چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو.


تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.


تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.


جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو.


جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.


تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.


پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.


جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج.


۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي چڪو، ۽ اهي پوريون ٿيون،


پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.


۽ تنهن کان پوءِ هو شريعت جون سڀ ڳالهيون، برڪتون توڙي لعنتون، جيئن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل هيون، تيئن پڙهي ويو.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ