Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:5 - Sindhi Bible

5 تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگھندو. جيئن آءٌ موسيٰ سان هئس، تيئن تو سان بہ هوندس. آءٌ تو کي نڪي نا‌اميد ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:5
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.


جيئن ڪ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ سان رهيو آهي، تيئن هو شل سليمان سان رهي، ۽ هن جي تخت کي منهنجي ڌڻي دائود بادشاهہ جي تخت کان بہ وڏو ڪري.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.


۽ آءٌ بني اسرائيل منجهہ رهندس ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي ڇڏي نہ ڏيندس.


شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري:


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


پر جيڪو هن تي ڪاهي ايندو، سو پنهنجي مرضيءَ موجب هلندو، ۽ ڪوبہ انهي جي سامهون بيهي نہ سگهندو: ۽ هو انهيءَ وڏائيءَ واري زمين ۾ بيهندو، ۽ هن جي هٿ ۾ خرابي هوندي.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا رحيم خدا آهي؛ هو توکي ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي برباد ڪندو، ۽ جيڪو عهد هن قسم کڻي تنهنجي ابن ڏاڏن سان ڪيو آهي، سو ڪين وساريندو.


۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هنن کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


۽ خداوند هنن کي چوڌاري آرام ڏنو، جيئن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين: ۽ سندن سڀني دشمنن مان هڪڙو ماڻهو بہ سندن اڳيان نہ بيهي سگهيو؛ خداوند سڀني دشمنن کي سندن حوالي ڪيو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.


انهي طرح خداوند يشوع سان هو؛ ۽ سندس نالو ناموس سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


تڏهن خداوند هن کي چيو تہ يقيناً آءٌ تو ساڻ ٿيندس، ۽ تون مديانين کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماري وٺندين.


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ