Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:4 - Sindhi Bible

4 بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهان جون سرحدون ڏکڻ ۾ بيابان تائين، اتر ۾ لبناني جبلن جي قطار تائين، اوڀر ۾ حتين جي سڄي ملڪ سميت وڏي نديءَ فرات تائين ۽ اولهہ ۾ ڀُونوِچ سمنڊ تائين ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪ رٿ مصر مان چانديءَ جي ڇهہ سؤ شيڪلن ڏيڻ تي ايندو هو، ۽ هڪڙو گهوڙو ڏيڍ سؤ شيڪلن تي: ۽ انهيءَ طرح سڀني حتين جي بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن لاءِ بہ، اُنهن جي ئي هٿان اُهي ايندا هئا.


۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


۽ دائود حمات تائين ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي ماريو، جڏهن هو فرات نديءَ وٽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ٿي ويو.


۽ اُڀرندي ڏانهن هو فرات نديءَ کان بيابان جي گهڙڻ جي هنڌ تائين رهندو هو: ڇالاءِ جو هنن جو چوپايو مال جلعاد جي زمين ۾ وڌي گهڻو ٿيو.


يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.


آءٌ تنهنجي حد ڳاڙهي سمنڊ تائين، ۽ بيابان کان فرات نديءَ تائين قائم ڪندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ انهي ملڪ جا رهاڪو تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ تون انهن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندين.


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


جنهن جاءِ تي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي سا اوهان جي ٿيندي: ۽ بيابان، ۽ لبنان، ۽ نديءَ کان، يعني فرات نديءَ کان وٺي الهندي واري سمنڊ تائين اوهان جي سرحد ٿيندي.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي پار وڃڻ ڏي، تہ آءٌ يردن جي پرئين ڀر وارو چڱو ملڪ، ۽ سهڻو جبل، ۽ لبنان وڃي ڏسان.


۽ جنهن ڇهين ملائڪ وٽ تري هئي، تنهن کي ڪنهن چيو تہ جيڪي چار ملائڪ وڏيءَ نديءَ فرات وٽ ٻَڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ