Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏني تہ ”توهان جيئن اسان کي حڪم ڏنو آهي تيئن اسين ڪنداسين ۽ جيڏانهن توهين اسان کي موڪليندا تيڏانهن وينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر.


تڏهن بني جد، ۽ بني روبن موسيٰ سان گفتگو ڪري کيس چيو، تہ تنهنجا ٻانها ائين ئي ڪندا، جيئن اسان جي مالڪ فرمايو آهي.


۽ بني جد، ۽ بني روبن، ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن خداوند تنهنجن ٻانهن کي فرمايو آهي، تيئن ئي هو ڪندا.


۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا.


تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين.


انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن،


جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.


جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ