Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:15 - Sindhi Bible

15 جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.


۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.


جيسين ڪ خداوند اوهان جي ڀائرن کي اهڙو آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهي ملڪ کي هٿ ڪن جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي يردن جي پرئين ڀر ڏيڻ وارو آهي: پوءِ اوهان مان هرڪو موٽي پنهنجيءَ ملڪيت تي اچي، جا مون اوهان کي ڏني آهي.


اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛


اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري.


هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ،


اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛


تڏهن هنن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪو بہ حڪم تو اسان کي ڏنو آهي سو اسين بجا آڻينداسين، ۽ جيڏانهن تون اسان کي موڪليندين اوڏانهن اسين وينداسين.


تنهن کان پوءِ يشوع روبينين، ۽ جدين، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي سڏايو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ