Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 1:11 - Sindhi Bible

11 اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”اوهين خيمي‌گاهہ جي وچان لنگھندي ماڻهن کي هي حڪم ڏيو تہ ’اوهين پنهنجي لاءِ سيڌو سامان تيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ٽن ڏينهن کان پوءِ اسين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هلنداسون جيڪو خداوند اسان کي ميراث ڪري ڏيڻ وارو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 1:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين.


۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.


ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.


ڇالاءِ جو اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي قبضو ڪري انهي ۾ رهندا.


۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.


اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛


پوءِ يشوع ماڻهن جي عملدارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان.


۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ عملدارن لشڪر جي وچ مان لنگهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ