Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 4:9 - Sindhi Bible

9 ۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 4:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين.


تون جو پاڻ کي پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڦاڙين ڏارين ٿو، تنهنجي لاءِ ڪا زمين خالي ٿي ويندي ڇا؟ يا ٽڪر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندو ڇا؟


ڇالاءِ تہ غضب آهي، تنهنڪري خبردار ٿج متان تنهنجي آسودگي توکي گهلي وڃي؛ نڪي وڏو عيوضو توکي گمراهہ ڪري ڇڏي.


ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


پر اها ڳالهہ يوناہ کي اصل نہ وڻي، ۽ هو ڪاوڙيو.


۽ خداوند چيو تہ توکي ڪدوءَ جي ول تي رحم آيو آهي، جنهن جي لاءِ تو ڪوبہ پورهيو نہ ڪيو آهي، ۽ نڪي تو ان کي پيدا ڪيو، جا هڪڙي رات ۾ اُسري ۽ هڪڙي ئي رات اندر سُڪي ويئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.


ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.


۽ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا، پر ڪنهن بہ طرح لهندا ڪين؛ ۽ هو مرڻ گهُرندا، پر موت کانئن پيو ڀڄندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ کيس روز بروز ڳالهين سان زور ڏيڻ لڳي، ۽ تنگ ڪيائينس، تڏهن هو اهڙو بيزار ٿيو جو ڀانيائين تہ ساهہ ٿو نڪريس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ