Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 4:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا.


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين.


پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.


جنهنڪري منهنجو روح گهٽجي مرڻ پسند ٿو ڪري، ۽ هنن منهنجن هڏن کان موت پسند ٿو ڪري.


ڏينهن جو سج توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو، نڪي رات جو چنڊ.


آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.


پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.


مون ڏانهن نہ نهار، ڇالاءِ جو آءٌ سانوري آهيان؛ سج مون کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ماءُ جا پٽ مون تي ڪاوڙيل هئا، هنن مون کي ڊاک جي منهہ جو سنڀاليندڙ ڪيو؛ پر مون پنهنجي ڊاک جو منهہ نہ سنڀاليو آهي.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.


پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


تنهنڪري اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کان منهنجي حياتي وٺ، ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.


اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو.


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي:


۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ