Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 4:5 - Sindhi Bible

5 پوءِ يوناہ شهر مان نڪري ٻاهر ويو، ۽ شهر جي اُڀرندي پاسي وڃي ويٺو، ۽ اتي پنهنجي لاءِ هڪڙي لانڍي جوڙيائين، ۽ انهيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ يونس شهر کان ٻاهر اوڀر طرف نڪري ويو. اُتي پنهنجي لاءِ هڪڙو ڇپر ٺاهي ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏسي تہ شهر جو ڪهڙو حال ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 4:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ايلياہ اُهو ٻڌو تڏهن پنهنجي چوغي ۾ منهن ويڙهي ٻاهر نڪتو، ۽ غار جي منهن وٽ وڃي بيهي رهيو. ۽ ڏس، هن کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟


۽ اُتي هو هڪڙيءَ غار ۾ اچي ٽڪيو؛ ۽ ڏس، خدا جو ڪلام وٽس آيو، جنهن چيس تہ اي ايلياہ، تون هتي ڇا ٿو ڪرين.


هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.


۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.


تڏهن خلاصي ڊنا ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي خدا کي پڪاريو؛ ۽ جهاز ۾ جيڪو سامان هو، سو هو سمنڊ ۾ اُڇلائڻ لڳا، انهي لاءِ تہ جهاز هلڪو ٿئي. پر يوناہ لهي جهاز جي اندرين ڀاڱن ۾ ويو؛ ۽ اُتي گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو هو.


تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟


۽ خداوند خدا هڪڙي ڪدوءَ جي ول تيار ڪئي، ۽ انهيءَ کي يوناہ جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ جي لاءِ چاڙهيائين، تہ مصيبت کان بچي. انهيءَ ول جي ڪري يوناہ ڏاڍو خوش ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ