Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 4:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ ڏاڍو رحيم آهي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.


تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.


اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.


تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.


خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا رحيم خدا آهي؛ هو توکي ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي برباد ڪندو، ۽ جيڪو عهد هن قسم کڻي تنهنجي ابن ڏاڏن سان ڪيو آهي، سو ڪين وساريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ