Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 4:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بي‌شمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 4:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀني ساهوارن سان، جي اوهان سان گڏ آهن، توڙي پکي توڙي ڍور توڙي زمين جا سڀ جانور، يعني سڀئي ساهوارا جيڪي ٻيڙيءَ مان لٿا آهن، تن سڀني سان عهد ٿو ڪريان.


هو ڍورن لاءِ گاهہ، ۽ انسانن جي ڪم لاءِ ڀاڄي ٿو اُڀرائي؛ تہ زمين مان خوراڪ پيدا ڪري.


تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين.


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو.


ڇالاءِ جو انهي ٻار کي بدي ڇڏي ڏيڻ ۽ نيڪي پسند ڪرڻ جي خبر پوي تنهن کان اڳي جنهن زمين جي ٻن بادشاهن کي تون ڌڪارين ٿو، سا ويران ٿيندي.


اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.


۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين.


۽ خداوند چيو تہ توکي ڪدوءَ جي ول تي رحم آيو آهي، جنهن جي لاءِ تو ڪوبہ پورهيو نہ ڪيو آهي، ۽ نڪي تو ان کي پيدا ڪيو، جا هڪڙي رات ۾ اُسري ۽ هڪڙي ئي رات اندر سُڪي ويئي.


سو جيئن مون تو تي رحم ڪيو، تيئن توکي بہ پاڻ جهڙي نوڪر تي رحم ڪرڻ کپندو هو يا نہ؟


انهي کان سواءِ اوهان جا ٻار ٻچا، جن جي لاءِ اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، يعني اوهان جا ٻار جن کي اڄ چڱي ۽ مٺي جي ڪا خبر ڪانهي، سي انهي ۾ داخل ٿيندا، ۽ آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ