1 پر اها ڳالهہ يوناہ کي اصل نہ وڻي، ۽ هو ڪاوڙيو.
1 پر اها ڳالهہ يونس کي اصل نہ وڻي ۽ هو ڪاوڙيو.
تڏهن خداوند فرمايو، تہ ڪاوڙجڻ سان تون ڪو چڱو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟
۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.
مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟
پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس.
پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.
سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.