Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 3:9 - Sindhi Bible

9 ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 3:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ جڏهن ٻار اڃا جيئرو هو، تڏهن مون روزو رکيو ۽ رُنو: ڇالاءِ جو مون چيو تہ ڪنهن کي خبر، تہ خداوند مون تي مهربان ٿئي ۽ شايد ٻار جيئرو رهي؟


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي.


اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.


تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.


تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.


تڏهن جهاز جو معلم هن وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ اي سمهندڙ، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اُٿي پنهنجي خدا کي پڪار، تہ من انهيءَ خدا کي ڪو اسان جو خيال پوي ۽ اسين نہ ٻُڏون.


۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.


زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو.


تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ