Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 3:5 - Sindhi Bible

5 ۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اهو ٻڌي نينواہ جي ماڻهن خدا تي يقين ڪيو. هنن توبهہ ڪندي هڪڙي روزي رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀني ماڻهن کٿو ڍڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 3:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو.


تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.


تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:


سو بني اسرائيل حريب جبل وٽ پنهنجا زيور لاهي ڇڏيا.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي پنجين ورهيہ جي نائين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ يروشلم جي سڀني ماڻهن ۽ يهوداہ جي شهرن مان جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ آيا تن سڀني خداوند جي اڳيان روزي رکڻ جو اشتهار ڪيو.


تڏهن لشڪرن جا سڀ سردار، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ يزنياہ بن هوسعياہ، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو تمام ننڍن کان وٺي وڏن تائين ويجها آيا.


تڏهن هن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا، ۽ ٻيا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا جيڪي هئا تن سڀني کي سڏيو،


۽ مون پنهنجو منهن خداوند ڏانهن ڪيو، انهي لاءِ تہ دعا گهرڻ ۽ عرض ڪرڻ سان، روزن رکڻ ۽ کٿي ڍڪڻ ۽ خاڪ وجهڻ سان سوال ڪريان.


هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.


۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن.


۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.


نينواهہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندا، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندا، ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.


تنهنڪري اي صاحبو، دلجاءِ ڪريو، جو منهنجو خدا تي پورو يقين آهي، تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو،


۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي.


هاڻي ايمان، جن شين جي اُميد اٿئون تن جو يقين، ۽ جيڪي نہ ڏٺو اٿئون تنهن جي ثابتي آهي.


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ