2 اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.
2 ”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ جيڪي آءٌ تو کي چوان سو اتان جي ماڻهن کي وڃي ٻڌاءِ.“
انهيءَ لاءِ تہ اهي پوريم جا ڏينهن، ٺهرايل وقتن تي، جيئن مردڪئي يهوديءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو، ۽ جيئن هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ، روزن رکڻ، ۽ ماتم ڪرڻ جي نسبت ۾ ٺهراءُ ڪيو هو، تيئن قائم رکندا اچن.
۽ جيڪي ڳالهيون خدا موسيٰ کي ٻڌائي کيس موڪليو هو، ۽ جيڪي معجزا ڏنا هئائينس، سي سڀ هن هارون کي بيان ڪري ٻڌايا.
تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.
پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.
۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.
اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.
اُٿ، نينوہ جي وڏي شهر ڏي وڃ ۽ انهن جي برخلاف منادي ڪر؛ ڇالاءِ جو هنن جي بڇڙائي منهنجي سامهون آئي آهي.
خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ
تڏهن يوناہ اُٿيو ۽ جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس تيئن نينوہ ڏي ويو. هاڻي نينوہ هڪڙو تمام وڏو شهر، ٽن ڏينهن جو پنڌ هو.
تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:
ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي.