8 جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.
8 جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.
۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.
منهنجي ساڄي هٿ ڏانهن نهار ۽ ڏس؛ ڇو جو اهڙو ڪوئي ڪونهي جو مون کي سڃاڻي: مون لاءِ ڪا پناهہ ڪانهي؛ ڪنهن کي منهنجي جان جو فڪر ڪونهي.
جيڪي اجاين ڪوڙين ڳالهين کي ٿا مڃين، تن کان مون کي نفرت آهي: پر منهنجو ڀروسو خدا تي آهي.
مون کي گپ ۾ ٻڏڻ نہ ڏي پر مون کي ڪڍي وٺ ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن تن کان مون کي ڇڏاءِ، ۽ اونهي پاڻيءَ مان مون کي ڪڍي وٺ.
پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.
اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.
ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.
اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.
۽ گمراهہ ٿي نہ وڃو: نہ تہ اوهين اجاين ڳالهين جي پٺيان ويندا، جنهنڪري اوهان کي ڪوبہ فائدو يا ڇوٽڪارو نہ ملندو، ڇالاءِ جو اُهي سڀ اجايون آهن.