Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 2:7 - Sindhi Bible

7 جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 2:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ ڪاهن يعني لاوي اُٿيا ۽ ماڻهن کي دعا ڪيائون: ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ انهن جي دعا هن جي پاڪ رهڻ واري جاءِ تائين، يعني آسمان تائين وڃي پهتي.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


جڏهن منهنجو روح مون منجهہ غم ۾ ٻڏل هو، تڏهن بہ توکي منهنجي واٽ جي خبر هئي. جنهن واٽ ۾ آءٌ هلان ٿو تنهن ۾ انهن ڦندا لڪايا آهن.


آءٌ آڳاٽن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجن سڀني حڪمن تي ڌيان ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪمن تي غور ٿو ڪريان.


مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.


ڪي جنگي گاڏين تي ڪي گهوڙن تي ڀروسو ٿا رکن: پر اسين خداوند پنهنجي خدا جو نالو ياد ڪنداسين.


آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


جيڪڏهن مون کي يقين نہ هجي ها تہ آءٌ جيئرن جي زمين تي خداوند جي ڀلائي ڏسندس، تہ هوند آءٌ بيهوش ٿيءُ وڃان ها:


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون اندر ۾ ڇو اهڙي بي آرام آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق ۽ منهنجو خدا آهي.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.


اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ