Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 2:2 - Sindhi Bible

2 مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 2:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.


موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.


مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ هن مون کي جواب ڏنو.


ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين.


ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين.


غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.


اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ.


جڏهن آءٌ دلگير ٿيندس، تڏهن زمين جي ڇيڙي کان توکي پڪاريندس: مون کي انهيءَ ٽڪر تي وٺي هل جو مون کان مٿانهون آهي.


اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


هيٺان دوزخ تنهنجي لاءِ چُريو آهي، انهي لاءِ تہ جڏهن تون اچين تڏهن توکي اچي گڏجي: اهو تنهنجي لاءِ مئلن کي، يعني زمين جي سڀني سردارن کي اُٿاري ٿو؛ انهيءَ ملڪن جي سڀني بادشاهن کي سندن تختن تان اُٿاريو آهي.


اي خداوند، مون تمام هيٺينءَ قيد مان تنهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو.


تڏهن جيڪي ماڻهو کڏ ۾ هيٺ لهي قديم وقت جي ماڻهن وٽ وڃن ٿا، انهن وٽ توکي هيٺ لاهي آڻيندس، ۽ توکي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، قديم وقت کان ويران جاين ۾، انهن سان گڏ رهائيندس جي پاتال ۾ وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ تون وري آباد نہ ٿين، ۽ نہ وري آءٌ توکي جيئرن جي زمين ۾ جلال وارو ڪندس:


انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.


ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.


۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو.


ڇالاءِ جو تون منهنجي جان کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي مقدس کي سڙڻ ڏيندين.


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث نہ ڄاڻ: ڇالاءِ جو هيستائين مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گهڻائيءَ کان پئي ڳالهايو آهي.


۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ