Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 2:10 - Sindhi Bible

10 ۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 2:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.


۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:


۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.


سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.


۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.


هن فرمايو، ۽ انهن جي سڀني سرحدن ۾ مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ جُوئون اچي پيون.


هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا.


جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي.


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.


آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.


جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.


انهي هوندي بہ آءٌ مصر جي زمين کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان، تون ڪنهن ٻئي معبود کي نہ ڄاڻندو هئين، ڇالاءِ جو مون کان سواءِ ٻيو نجات ڏيندڙ ڪونهي.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.


خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ