1 تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ:
1 تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ
۽ هيئن ٿيندو تہ تون انهيءَ نهر مان پاڻي پيئندين؛ ۽ مون ڪانگن کي حڪم ڏنو آهي تہ اُتي توکي کاڌو کارائين.
جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس.
مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.
هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.
اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.
آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.
جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.