Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 1:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن هنن چيس تہ ڀلائي ڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؛ تنهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ تون ڪٿان جو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي قوم جو آهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تنهن تي هنن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي؟ تون ڇا ڪندو آهين؟ تون ڪٿان آيو آهين؟ تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي؟ تون ڪهڙيءَ قوم مان آهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 1:8
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون هن جي ڀائرن کان پڇيو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ هنن فرعون کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ڌنار آهيون.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


تڏهن سائول يونتن کي چيو تہ مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي، ۽ يونتن چيس تہ جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو؛ ۽ ڏس، هاڻي ضرور مون کي مرڻو پوندو.


۽ دائود هن کي چيو تہ تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن هن چيو تہ آءٌ مصر جو هڪڙو جوان آهيان، ۽ هڪڙي عماليقي جو غلام آهيان؛ ۽ منهنجو ڌڻي مون کي ڇڏي هليو ويو، جو ٽيون ڏينهن آءٌ بيمار ٿي پيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ