Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 1:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 1:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.


آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟


اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن.


ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.


۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇو هيئن منهن ڀر پيو آهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ