15 تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.
15 تنهن کان پوءِ هنن يونس کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، تہ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.
۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.
هو طوفان کي ماٺو ٿو ڪري، جنهن ڪري لهرون بس ٿيون ڪن.
تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين.
سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين.
ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.
۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.
تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.