Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوناہ 1:13 - Sindhi Bible

13 انهيءَ هوندي بہ هنن ماڻهن ڳن موڙي زمين ڏي موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو طوفان زور وٺندو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوناہ 1:13
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو آرام ڏئي ٿو تڏهن ڪير الزام آڻي ٿو سگهي؟ ۽ جڏهن هو پنهنجو منهن لڪائي ٿو تڏهن ڪير هن کي ڏسي ٿو سگهي؟ قوم سان ائين ڪرڻ ۾ اچي، يا فقط هڪڙي ماڻهو سان، ٻنهي لاءِ هڪڙي ڳالهہ آهي:


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


۽ هن چين تہ مون کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وجهو؛ تہ سمنڊ اوهان جي لاءِ ماٺو ٿئي، ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.


جنهنڪري هنن خداوند کي پڪاري چيو تہ اي خداوند، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين توکي عرض ٿا ڪريون، تہ هن ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي ڪري اسان کي نہ مار، ۽ بيگناهہ خون اسان تي نہ رک: ڇالاءِ جو، اي خداوند، جيئن توکي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ