Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ آءٌ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون يهوداہ جي اولاد جي هٿ وڪڻندس، ۽ اُهي اُنهن کي سبا جي ماڻهن وٽ، يعني هڪڙي پرانهين قوم وٽ وڪڻندا: ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون بني يهوداہ وارن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين هڪڙي ڏورانهين قوم يعني شبا ملڪ وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ سبا جا ماڻهو ڪاهي اچي انهن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا؛ هائو، انهن تنهنجي نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


۽ وٽس عياش ماڻهن جو آواز هو: ۽ بيابان مان عام قسم جي ماڻهن سان شرابي آندا ويا؛ ۽ انهن هنن ٻنهي جي هٿن ۾ ڪنگڻ وڌا ۽ هنن جي مٿي تي سهڻا ڇٽ رکيائون.


سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ