Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:5 - Sindhi Bible

5 اوهان منهنجو روپو ۽ منهنجو سون کنيو آهي، ۽ منهنجون عمديون شيون پنهنجن مندرن ۾ کڻي ويا آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.


۽ آخز جيڪو سون ۽ چاندي خداوند جي گهر ۾، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ هو، سو کڻي تحفو ڪري اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.


۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري ڪوبہ ڪڏهن نہ چوندو تہ انهي خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛


انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


تنهنڪري هنن کي نبوت ڪري چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبر مان ٻاهر ڪڍندس؛ ۽ آءٌ اوهان کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻيندس.


پر انهن جي جاءِ تي هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو: ۽ جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا نہ سڃاڻندا هئا، تنهن کي هو سون ۽ چانديءَ سان، قيمتي پٿرن ۽ سهڻين شين سان عزت ڏيندو،


پر صيون جي جبل تي اُهي هوندا، جي ڀڄي نڪرندا، ۽ اُهو پاڪ ٿيندو، ۽ يعقوب جو گهراڻو پنهنجي ملڪيت جو مالڪ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ