Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:18 - Sindhi Bible

18 ۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن منهنجا قدم مکڻ سان ڌوپندا هئا، ۽ ٽڪر مون کي تيل جون نديون وهائي ڏيندو هو!


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


تڏهن منڊو ماڻهو هرڻ وانگي ٽپندو، ۽ گونگي جي زبان ڳائڻ لڳندي: ڇالاءِ جو بيابان ۾ پاڻي، ۽ رڻ پٽ ۾ چشما ڦاٽي نڪرندا.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي.


اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.


تہ اوهين هن جي دلاسن جو چڳڙ ڌائي ڍءُ ڪريو؛ ۽ هن جي شان جي گهڻائيءَ ڪري سرها ٿيو.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.


۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ