14 فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.
14 جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.
خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي.
جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.
رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟
ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!
اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛
۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟
ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس.
تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.
خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.
ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛
۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.