Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:13 - Sindhi Bible

13 ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهي تمام بدڪار آهن. سو جيئن پڪل فصل ۾ ڏاٽو وجھي لابارو ڪيو وڃي ٿو، تيئن ئي کين قتل ڪيو ويندو. هائو، جيئن انگورن کي لتاڙي حوض رس سان ڀري ٽمٽار ڪيو ويندو آهي، بلڪ اٿلي وهي پوندو آهي، تيئن ئي کين لتاڙي چٽ ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.


۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


سو خداوند چيو تہ سدوم ۽ امورہ جي دانهن وڌي ويئي آهي ۽ هنن جا گناهہ تمام گهڻا ٿيا آهن.


۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري.


مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.


خداوند منهنجي وچ ۾ منهنجن سڀني بهادر مردن کي مات ڪري ڇڏيو آهي؛ هن منهنجي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي آهي تہ منهنجن جوان مردن کي چپي ڇڏي؛ خداوند يهوداہ جي ڪنواري ڌيءَ کي شراب جي چيچڙي وانگر لتاڙيو آهي.


اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.


۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ.


پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي.


پوءِ تون پنهنجي لاءِ ست هفتا ڳڻج: جنهن وقت تون ان جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو وجهڻ شروع ڪرين، تنهن وقت کان وٺي تون ست هفتا ڳڻج.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو بادل آهي؛ ۽ انهي بادل تي ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص ويٺو آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو اٿس.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ