Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:11 - Sindhi Bible

11 آس پاس واريون سڀ قومون، اوهين جلدي اچو، ۽ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيو: اي خداوند تون پنهنجا پهلوان اُتي لاهي آڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي آس‌پاس واريون سڀيئي قومون! اوهين جلدي اچو ۽ عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيو.“ اي خداوند! جڏهن اهي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿين، تڏهن هنن تي حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجي بهادرن کي موڪلي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.


۽ هو ٻيلي جا گهاٽ لوهہ سان وڍيندو، ۽ لبنان کي هڪڙو زبردست ماڻهو ڪيرائي وجهندو.


مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي.


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي لاءِ انهيءَ ڏينهن تائين ترسو، جنهن ڏينهن آءٌ اُٿي انهن جو شڪار ڪريان: ڇالاءِ جو منهنجو ارادو آهي تہ آءٌ قومن ۽ بادشاهتن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهن تي پنهنجو غصو ۽ پنهنجو سخت قهر ڇنڊيان؛ ڇالاءِ جو سڄي زمين منهنجي غيرت جي باهہ سان چٽ ڪئي ويندي.


۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،


۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ