Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:26 - Sindhi Bible

26 ۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:26
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي.


۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين.


اي منهنجي جان تون پنهنجي آرامگاهہ ۾ موٽي اچ؛ ڇو جو خداوند تو سان ڏاڍي ڀلائي ڪئي آهي.


آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن مون سان گهڻي ڀلائي ڪئي آهي.


جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي.


اهي ڏکئي وقت شرمندا ڪين ٿيندا ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڍاول رهندا.


اي خدا ڀلي تہ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن، ۽ سڀيئي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن.


شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري.


سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


اي خداوند تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف؛ ڇالاءِ جو تو عجب ۽ غريب ڪم ڪيا آهن، يعني تنهنجون مصلحتون قديم کان وفاداري ۽ سچيون آهن.


تنهن ڪري خداوند، جنهن ابراهيم کي ڇوٽڪارو ڏنو، سو يعقوب جي گهراڻي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي يعقوب شرمندو نہ ٿيندو، نڪي سندس منهن ڦڪو ٿيندو.


پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.


۽ بادشاهہ تنهنجا پاليندڙ ابا، ۽ انهن جون راڻيون تنهنجون پاليندڙ اميون ٿينديون: اهي تنهنجي اڳيان جهڪي پنهنجا منهن پٽ تي رکندا، ۽ تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا، ۽ تون ڄاڻندينءَ تہ آءٌ خداوند آهيان، ۽ جيڪي منهنجا منتظر آهن سي شرمندا نہ ٿيندا.


ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.


۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.


۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا.


تون کائيندين پر ڍءُ نہ ٿيندءِ تنهنجي حقارت تنهنجي وچ ۾ ٿيندي: تون لڪائيندين پر بچائي نہ سگهندين، ۽ جيڪي تون بچائيندين سو آءٌ ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.


لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.


ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ اُميد مان شرمندگي حاصل نٿي ٿئي؛ ڇالاءِ تہ پاڪ روح، جو اسان کي ڏنو ويو آهي، تنهن جي وسيلي سان خدا جو پيار اسانجين دلين ۾ اوتيو ويو آهي.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ آءٌ تنهنجي چوپائي مال لاءِ تنهنجن ميدانن ۾ گاهہ اُڀرائيندس.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


پر اهي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي سو، اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهي هنڌ کائجو، جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي ڪڍي؛ ۽ تون پنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪج.


اتي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو؛ ۽ تنهنجي هٿ جي ڪمائي جنهن ۾ خداوند تنهنجي خدا برڪت وڌي آهي، تنهن لاءِ اوهين پنهنجن گهراڻن سميت خوشيون ڪجو.


۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ